اٽي بحران جي شروعاتي رپورٽ تي وزيراعظم وڌيڪ جواب طلب ڪيا آهن.راڻا ثناءُ الله مون کي بچايو تحريڪ هلائي رهيو آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جو اسملنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون عوامي رليف لاءِ وڏو قدم آهي، قومي معيشت کي اربين رپين جو نقصان پهچائيندڙ اسملنگر کي چٿيو پيو وڃي، عمران خان پاران ذخيرو ڪندڙن خلاف قدم عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ استحڪام آڻيندا، اربع تي ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ بارڊر مارڪيٽ قائم ڪرڻ جي اڳڀرائي کي به تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن، هن چيو ته اسملنگ کي روڪڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪارروائي جو فيصلو وزيراعظم جو قانون تي عملداري تي پختي ازم جو اظهار آهي، هن چيو ته هي ملڪي معيشت کي اربين رپين جي نقصان کان بچائڻ لاءِ عملي قدم آهي، هن چيو ته وزيراعظم صوبائي حڪومتن کان ڪڻڪ اگهن لاٿ لاءِ تجويز طلب ڪئي آهي، بجلي ۽ گيس جي حوالي سان ماضي جي حڪومتن جي فيصلن جو بار عوام پنهنجي ڪلهن تي کنيو، هن چيو ته وزيراعظم پيٽرول، ڊيزل ۽ گيس اگهن ۾ لاٿ جو روڊ ميچ جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *