اٽارني جنرل جو خط شريف ڪٽنب جو ميڊيا ٽرائل آهي: شهباز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن)جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف پاران اٽارني جنرل جي خط تي جواب اماڻيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته شهبازشريف کي اٽارني جنرل جو خط قانون کان مٿانهين ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ معاملي ۾ توهين عدالت برابر آهي اربع تي شهبازشريف جي پرسنل سيڪريٽري مرادعلي خان پاران جوابي پيغام اٽارني جنرل آفيس کي اماڻيو ويو ٻن صفحن تي ٻڌل جوابي پيغام اٽارني جنرل جي سيڪريٽري خالد خان نيازي کي اماڻيو ويو آهي شهبازشريف جي سيڪريٽري خط ۾ موقف اختيار ڪيو ته شهبازشريف کي اٽارني جنرل جو خط قانون کان مٿانهون ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ معاملي ۾ توهين عدالت برابر آهي شهبازشريف جي پرسنل سيڪريٽري خط ۾ چيو ته اٽارني جنرل جي خط ۾ اختيار ڪيل لهجو نهايت اعتراض جوڳو ۽ مناسب نه آهي. شهبازشريف جي پرسنل سيڪريٽري چيو ته اٽارني جنرل جي حڪمن تي خط لکندڙ ماتحت آفيسر انڊر ٽيڪنگ جي پڄاڻي واري حصي کي سمجهڻ کان بلڪل قاصر نظر اچي ٿو  هن چيو ته اٽارني جنرل جي خط کي لکندي قانون، ميڊيڪل بورڊ جي جوڙجڪ، ان جي ڪارروائي جو تفصيل نظرانداز ڪيو ويو اٽارني جنرل جو خط 16 نومبر 2019 جي عدالتي حڪم جي دائري ۽ مقرر ڪيل حدن کان مٿي آهي خط ۾ چيو ويو ته اٽارني جنرل جو خط ڪابينه جي ختم ٿيڻ سياسي بيانئي جي حمايت ۽ ميڊيا ٽرائيل جي نيت سان جاري ڪيو ويو آهي. شهبازشريف جي پرسنل سيڪريٽري چيو ته عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ معاملي بابت هي خط توهين عدالت جي برابر آهي اٽارني جنرل جو خطا ٻڌڻي هيٺ معاملي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش نطر اچي ٿو عدالتي حڪم جي روشني ۾ سموپريون رپورٽون مقرر ڪيل مدي ۾ جمع ڪرايون ويون آهن شهبازشريف جي پرسنل سيڪريٽري خط ۾ چيو ته خط لکي جهڙي طرح ڪردار ڪشي ڪئي وئي ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم محفوظ رکون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *