اٽارني جنرل افتخار چوڌري سميت رٽائرڊ ججن کي مليل رعايتن بابت سينيٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) اٽارني جنرل آف پاڪستان سينيٽ جي اجلاس ۾ پيش ٿي افتخار چوڌري سميت رٽائرڊ ججن کي مليل رعايتن بابت آگاهي ڏئي ڇڏي، پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته افتخار چوڌري مقرر حد کان وڌيڪ رعايتون حاصل ڪري رهيو آهي، بلٽ پروف گاڏي جي مرمت ۽ پئٽرول جا پئسا افتخار چوڌري کان ڀرايا وڃن. چيئرمين نيئر بخاري جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ پيش ٿي رٽائرڊ ججن کي حڪومت طرفان ڏنل رعايتن بابت آگاهي ڏني. اٽارني  جنرل چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي بلٽ پروف گاڏي ۽ ٻيون رعايتون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڏنيون پيون وڃن، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته حڪومت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل ڇو نه ٿي ڪري. پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي ملندڙ رعايتن تي سخت اعتراض واريندي چيو ته افتخار چوڌري کي ٻين رٽائرڊ ججن کان وڌيڪ رعايتون ڇو پيون ڏنيون وڃن، اڳوڻو چيف جسٽس صدر پاران مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ رعايتون حاصل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افتخار چوڌري جو لاهور ۾ عاليشان بنگلو ڏسڻ وٽان آهي، ان کي مليل بلٽ پروف گاڏي جي مرمت ۽ پئٽرول جا پئسا افتخار چوڌري کان ڀرايا وڃن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *