اي پي سي ۾ خصوصي عدالتون قائم ٿيڻ متعلق آئين ۾ ترميمن جي ڳالهه ناهي ٿي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ خصوصي عدالتن جي قيام بابت آئين ۾ ترميمن جي ڳالهه ناهي ٿي خصوصي عدالتون دهشتگردن انهن جي مالي مدد ڪندڙن جي خلاف ڪيس ٻڌنديون پارليمينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اپوزيشن ليڊر چيو ته اي پي سي ۾ خصوصي عدالتن جي قيام تي ڳالهه ٿي هئي سمورين جماعتن جو خصوصي عدالتن جي قيام لاءِ فوجي ايڪٽ ۾ترميمن تي اتفاق ٿيو هو هن چيو ته خصوصي عدالتون دهستگردن انهن جي مالي مدد ڪندڙن جي خلاف ڪيس ٻڌنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *