اي پي سي سانحي کي 5 سال مڪمل، پوري ملڪ ۾ تقريبون، شهيدن کي ڀيٽا پيش

راولپنڊي/اسلام آباد/(م.ڊ/نمائندن وٽان) ملڪ جي صدر ڊاڪٽر آصف علوي چيو آهي ته 5 سال اڳ اي پي ايس جي ننڍڙن فرشتن ۽ استادن جي قتل کي عوام ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهي. ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 5 سال پورا ٿيڻ تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ چيو ته سانحي کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. هن چيو ته ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪير پنهنجا ڳوڙها ناهي بيهاري سگهندو، ان ڏينهن جي ياد ۾، اسان پنهنجي ان عهد جو اظهار ڪيون ٿا ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي پاڙ مان پٽي اڇلائينداسين. ٻئي طرف اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته معصوم ٻارن جي رت قوم کي هر قسم جي انتهاپسندي، دهشتگردي، تشدد ۽ نفرت جي خلاف گڏ ڪري ڇڏيو آهي. وزير اعظم عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي پنجين ورسي تي پيغام جاري ڪيو. ان حوالي سان وزير اعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزير اعظم چيو ته اڄ سانحي جي شهيدن ۽ ان ۾ بچي ويلن کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته ان ڏينهن نوجوان شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندا آهيون اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي به پيٽا پيش ڪندا آهيون. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته اسان اِهو عهد ڪيون ٿا ته عسڪريت پسندي جي سوچ کي ملڪ ۾ پروان چاڙهڻ ۽ قوم کي ان خراب سوچ جو يرغمال بڻجڻ جي اجازت نه ڏينداسين.  چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 5 سال مڪمل ٿيڻ تي چيو آهي ته ان سانحي کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ميجر جنرل آصف غفور جي ٽوئيٽ موجب آرمي چيف چيو ته اي پي ايس سانحي ۾ ملوث 5 دهشتگردن کي فوجي عدالتن جي ذريعي ڦاهي ڏني وئي.  هن چيو ته شهيدن ۽ انهن جي وارثن کي سلام پيش ڪيون ٿا، قوم طور اسان دهشتگرد يکي شڪست ڏيڻ جي لاءِ طويل سفر ڪيو آهي، گڏ ٿي اسان پاڪستان جي ڊگهي امن ۽ ترقي ڏانهن گامزن آهيون. اي پي ايس سانحي تي ويڊيو پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته آئون اهڙي فوج جو چيف آهيان جتي اسان جو جوان هر وقت هن ملڪ جي لاءِ سر وڇائڻ لاءِ تيار رهندو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڌمڪيون ڏيندڙ پرڏيهي قوتن کي پيغام ڏيان ٿو ته جيستائين اسان وٽ اهڙا والدين ۽ ٻار آهن ڪير ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو، ٻئي طرف پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي پنج سال مڪمل ٿي ويا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، ريليون ڪڍي تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، ڪراچي، حيدرآباد، نوشهروفيروز، ٺٽو، سکر، لاڙڪاڻي، دادو، ميرپورخاص، قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ مختلف تنظيمن، شاگردن ۽ استادن طرفان ريليون ڪڍيون پيون وڃن، پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ فيض گنج ۾ هاءِ اسڪول پڪا چانگ، پرائمري اسڪول پڪا چانگ جي سوين شاگردن ۽ استادن ريلي ڪڍي، شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل معصوم ٻار ڪڏهن به وسري نٿا سگهن، هي اهڙو واقعو آهي جنهن سان تعليم کي ختم نٿو ڪري سگهجي پر تعليم جي اهميت وڌيڪ ٿي آهي، مٺي ۾ صادق فقير بوائز ڊگري ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن طرفان پشاور سانحي جي شھيدن جي ياد ۾ 2 منٽ خاموشي اختيار ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ريلي پڻ ڪڍي وئي. ڪاليج جي اسيمبلي ۾ شاگردن ۽ استادن پاران شھيدن جي ياد ۾ دعا مغفرت پڙھي وئي. ٺاروشاهه ۾ شيوا انگلش گرامر هاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران پشاور ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل شاگردن کي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن شاگردن ۽ استادن جي شهادت تي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڪري چودڳي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان ريلي ڪڍي وئي، شهيدن جي ياد ۾ تصويري خاڪن ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، شاگردن ۽ استادن خطاب ۾ چيو ته دهشتگردي ذريعي تعليم حاصل ڪندڙن کي ڊيڄاري نه ٿو سگهجي، اسان جي فوج جي ڪارڪردگي سان دهشتگردي گهڻي حدتائين گهٽ ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *