اي پي سي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ زرداري هائوس ۾ تقريب، بلاول ڀٽو زرداري شريڪ، سوئيٽ هوم جي ٻارڙن دعائيه نظم ٻڌايا

اسلام آباد (اين اين آءِ) آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ هڪ تقريب ٿي، بلاول ڀٽو زرداري هن تقريب ۾ شامل هو، ان موقعي تي قرآن خواني ڪئي وئي ۽ شهيدنلاءِ دعا پڻ ڪئي وئي، تقريب ۾ سوات ۽ وانا جي شهيدن جا ٻارڙا جن جو تعلق سويٽ هومز سان آهي خاص طور تي شرڪت ڪئي، تقريب ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، قمر زمان ڪائرا، نئير حسين بخاري، عذار پيچوهو، روبنيا خالد، فيصل ڪريم ڪنڊي، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، مهرين ڀٽو، چوڌري ياسين، زمرد خان، رحيم داد خان، رميش لال، مصطفيٰ نواز کوکر، فوزيا حبيب، جميل سومرو، نرگس فيض ملڪ، نورين سيال ۽ صاحبزاده ذوالفقار علي موجود هو، قرآني خواني کانپوءِ شهيدن جي ياد ۾ ميڻ بتيون ٻاريون ويون، ذريعن مطابق پ پ ڪي پي ڪي جي وفد زرداري هائوس ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ رحيم داد خان، فيصل ڪريم ڪنڊي، لياقت شباب، همايون خان، اڪبر خان، ذوالفقار افغاني شامل هئا، وفد پارٽي چيئرمين کي ڪي پي ڪي جي تنظيمي معاملن کان آگاهه ڪيو، انساني حقن واري سيل جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر نفيسا شاهه جي اڳواڻي ۾ وفد به چيئرمين سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي بابت رپورٽ پيش ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *