اي سي سي ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ بجلي جو في يونٽ 2 رپيا 89 پئسا مهانگو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م.ڊ) ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. جاري ڪيل پڌرائي موجب، اي سي سي، ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ بجلي جو في يونٽ 2 رپيا 89 پئسا مهانگو ڪرڻ جي منظوري /ڏسو صفحو 3بقايا نمبر 45

ڏني آهي. پڌرائي موجب، بجلي جي ٽيرف ۾ اضافو ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويندو، نئين واڌ پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندي. اجلاس ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ذريعي 3 ڏهائي 72 ملين خاندان کي به امداد ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، پروگرام تحت 29 ڏهائي 72 ارب رپيا، 12 هزار جي حساب سان هر شهري کي ڏنا ويندا. اي سي سي 37 لک 25 هزار درخواست ڏيندڙن لاءِ 29 ڏهائي 72 ارب رپيا ٽرانسفر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *