اي بي ڊي وليئرز ون ڊي ۾ ڪپتان طور گهٽ اننگز ۾ 10 سينچريون ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

ڪانپور(اسپورٽس نيوز) مشهور بيٽسمين اي بي ڊي وليئرز ون ڊي انٽرنيشنل ۾ ڪپتان طور گهٽ ۾ گهٽ اننگز ۾ 10 سينچريون ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. هن اهو اعزاز ڀارت خلاف ڪانپور ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ حاصل ڪيو. هن گذريل ڏينهن تيز تر بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 73 بالن تي 5 ڇڪن جي مدد سان104 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي جنهن بعد هو ڪپتان طور گهٽ ۾ گهٽ اننگز ۾ 10 ون ڊي سينچريون ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو. ڊي وليئرز اهو اعزاز 68 اننگز ۾ حاصل ڪيو، ان کان اڳ ان رڪارڊ جو مالڪ ڀارت جو سارو گنگولي هو جنهن 93 اننگز ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *