ايگزيڪٽ جي نقلي سرٽيفڪيٽن جي حقيقت اڳيان اچي وئي، اڪائونٽس ضبط

اسلام آباد(بيورو) ايگزيڪٽ جي خلاف نقلي سرٽيفڪيٽ اسڪينڊل جي جاچ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ايف آئي اي نقلي سرٽيفڪيٽ ڇپڻ وارن کي ڳولي ورتو آهي، ايگزيڪٽ آفيسن مان هن وقت تائين هڪ لک نقلي سرٽيفڪيٽ هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڏوهارين کي ڪجهه ڏينهن ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ڪمپني جا سمورا اڪائونٽ ضبط ڪيا ويا آهن. ايف آئي اي ذريعن مطابق ايگزيڪٽ جي مالڪ شعيب شيخ ۽ ٻين ملازمن جي سڃاڻپ تي نقلي سرٽيفڪيٽ ڇپڻ وارن کي ڳوليو ويو آهي، ملازمن اها پڌرائي ڪئي آهي ته  نقلي سرٽيفڪيٽ ڇاپڻ واري مشين مان روزانو 100سرٽيفڪيٽ ڇاپيا ويندا هئا، ملازمن ٻڌايو ته کين نقلي سرٽيفڪيٽن واري ڪاروبار جي ڄاڻ هئي پر وڏي پگهار جي لالچ ۾ ايگزيڪٽ سان لاڳاپيل هئاسين.ايف آئي اي ذريعن مطابق ايگزيڪٽ  آفيس مان ايگزيڪٽ ڪمپني جا رڳو ٻه اسڪول ۽ هڪ يونيورسٽي اصلي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *