ايگزيڪٽ جي جعلي ڊگرين وارو اسڪينڊل: گهرو وزير ايف آءِ اي جو اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، آءِ ٽي ڪمپني ايگزيڪٽ جي جعلي ڊگرين واري اسڪينڊل جي جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائي جي حوالي سان ايف آءِ اي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.چوڌري نثار خان جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽ ڪمپني جي جعلي ڊگرين بابت اسڪينڊل واري معاملي تي اجلاس ٿيندو. اجلاس ۾ ايف آءِ اي اختيارين پاران آءِ ٽي ڪمپني بابت جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. ايف آءِ اي اختيارين پاران ايگزيڪٽ جي جعلي ڊگرين واري معاملي تي هڪ رپورٽ وفاقي گهرو وزير کي اماڻي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 59 ڪمپيوٽر قبضي ۾ ورتا ويا آهن، جن جي ڊيٽا جي جاچ ڪئي پئي وڃي، 6 ڄڻن جا بيان به رڪارڊ ڪيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *