لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي ايڪشن فلم ڊيڊ پول جو ٽيلر جاري ڪيو ويو آهي.فلمي جوتشين جو چوڻ آهي ته فلم 9 فيبروري تي وڏي پڙدي جا سڀئي رڪارڊ ڀڃي ڇڏيندي. تفصيل مطابق فلم اسپيشل فورس جي اڳوڻي ايجنٽ جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي،جنهن ۾ سپرمين کي مختلف انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هن فلم کان اڳ سڀني ٻين فلمن ۾ سپر مين امن جي پرچار ڪندي نظر اچي ٿو پر ڊيڊ پول ۾ ائين ناهي.کل،ڀوڳ،ايڪشن،۽جذباتي جملن جي استعمال فلم سان منفرد بڻايو ويو آهي.فلم کي ناليواري ڊائريڪٽر ٽم ملر ڊائريڪٽ ڪيو آهي ۽ اهم ڪردارن ۾ ٽي جي ملر ۽ مورينا بڪرين شامل آهن.