ايڪشن پلان کي قومي پلان بڻائڻ گهرجي: خواجه اظهارالحسن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهارالحسن چيو آهي ته ايڪشن پلان کي قومي پلان بڻائڻ گهرجي. سنڌ اسميبلي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار الحسن چيو ته قومي ايڪشن پلان پوري ملڪ تي لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪارروايون قومن خلاف نه پر ڏوهارين خلاف ٿيڻ گهرجن. خواجه اظهارالحسن چيو ته ايم ڪيو ايم تي نه پر دهشتگردي تي ڌيان ڏنو وڃي. متحده اڳواڻ چيو ته 90 ڏينهن جي حراست رڳو ڪراچي ۾ ڇو ٿي رهي آهي، ٻئي هنڌ ائين ڇو نه پيو ٿئي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *