ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ سبب دهشتگردي مضبوط ٿي رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ سان دهشتگردي جو پاڙون مضبوط ٿي رهيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪوئيٽآ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. هن چيو ته ڪوئيٽآ ۾ وڪيلن جي رت سان هولي کيڏندڙ اڃان تائين ضابطي ۾ نه آيا آهن . نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ سان دهشتگردي جو پاڙون مضبوط ٿي رهيون آهن. سمورن شهيد ٿيندڙن وڪيلن جي خاندان سان واعدو آهي ته اسان انهن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون، پ پ پ  ملڪ جي سمورن شهيدن جي حقيقي وارث آهي  ۽ انهن سان گڏ آهي . جڏهن ته  وڪيلن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد اصل ۾ ملڪ ۽ آئين تي حملو ڪندڙ آهن، دهشتگردي اصل قائداعظم ۽ قائدعوام جي پاڪستان تي حملو آهي، انکي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو، بلاول ڀٽو چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ ٻين  شهيدن جي وارث پوري پاڪستان جي قوم آهي، شهيد بي بي قربانيون ڏئي سموري قوم کي هڪ اهڙو رستو ڏيکاريو جيڪو قومن کي سرخرو رکي ٿو، شهيد بي بي جا ڀائر، ڀينرون، ڌيئرون، پٽ ۽ جيالا دهشتگردي جي خلاف آخري  ساهه تائين وڙهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *