ايڪسپورٽ گهٽ آهي، ائين ملڪ نٿو هلي سگهي: اسٽيٽ بينڪ جو موجودا معيشت جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي (اين اين آءِ) اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر چيو آهي ته پاڪستان گهٽ ايڪسپورٽ سان افغانستان، يمن، سوڊان، ڏکڻ سوڊان ۽ ايٿوپيا سان گڏ آهي ۽ ملڪ ائين ناهي هلندو، اڳ جيڪي ماڻهو دي فالٽ جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا هاڻ اهي خاموش آهن، ڪجهه عرصو اڳ تائين اسان جي معاشي حالت ٺيڪ نه هئي، هڪ سال اڳ جي صورتحال ۽ هاڻ ۾ وڏو فرق آهي، خميس تي هتي سي اي او سمٽ کي خطاب ڪندي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته ماڻهو وياج جي شرح ۽ ايڪسچين جي ريٽ کي بنا پڙهڻ جي تبصرو ڪن ٿا، اسان جي ويب تي مانيٽري پاليسي آهي جنهن کي پڙهڻ گهرجي، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته هاڻ ايڪسچينج ريٽ سگهاري ۽ ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا اعتماد جوڳا آهن، معاشي بهتري گهٽ مدي نه پر ڊگهي پراسرز آهي، هن چيو ته ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهڻ هوندي آهي ته ايڪسچينج ريٽ ۽ پاليسي ريٽ ڇا هوندو، پاليسي ريٽ جو تعين اسٽيٽ بينڪ ڪي ڪميٽي ڪري ٿي، رضا باقر چيو ته اسان کي جٽادار ترقي لاءِ پنهنجو مزاج تبديل ڪرڻو پوندو، اسان جي ايڪسپورٽ جو جي ڊي پي سان تناسب 10 سيڪڙو کان به گهٽ آهي، هن چيو ته ڪو به ملڪ هن شرح سان نٿو هلي سگهي، ڪيترن ئي غريب ماڻهن جي اها شرح پاڪستان کان بهتر آهي، هن چيو ته اڄ پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪري رهي آهي، اسٽيٽ بينڪ مستقبل ۾ اميد سان آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ مالياتي خساري جو بهتر نموني سان انتظام ڪيو ويو، اسٽيٽ بينڪ ملڪ ۾ مالياتي خدمتن جو دائرو وڌائي رهي آهي، ايس ايم ايز کي سستا قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، 5 سئو ارب رپين جو قرض ايس ايم ايز کي جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته هي حجم اڀرندڙ معيشت جي تناسب گهڻو گهٽ آهي، ايس ايم ايز دستاويزي شڪل اختيار ڪري قرضن جي سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي، چيمبر آف ڪامرس ايس ايم ايز لاءِ قرضن جي اسڪيمن جي ترويج ڪري، بينڪن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته اهي رسڪ کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، ايس ايم ايز متحرڪ ناهي ته ان جو الزام بيبنڪن تي نه ڏنو وڄي، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته ملڪ جي اڌ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي پر عورتن جي نمائندگي 5 سيڪڙو کان گهٽ آهي، ملڪ جي بالغ آبادي ۾ عورت اڪائونٽ هولڊرز جو انگ 15 سيڪڙو آهي، دنيا ۾ هي تناسب 55 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان معاشي واڌ لاءِ پنهنجو ڪردار بهتري نموني ادا ڪري رهي آهي، جي ڊي پي ۾ ايڪسپورٽ جو تناسب 10 سيڪڙو کان گهٽ آهي، هي تناسب عالمي تناسب کان گهٽ آهي، ايسڪپورٽ ۾ جٽادار واڌ لاءِ اسٽيٽ بينڪ سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *