ايڪتا ڏهاڙي تي عوام کي ڪهاڙي کڻڻ لاءِ ورغلائڻ انتشار ڦهلائڻ جي سازش آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري سينئر وزير نثار احمد کهڙي ڪجهه ڌرين پاران ايڪتا ڏهاڙي تي ڪهاڙيون کڻڻ واري ڏنل بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته ايڪتا ڏهاڙي تي عوام کي ڪهاڙي کڻڻ لاءِ ورغلائڻ انتشار ڦهلائڻ جي سازش آهي. اهڙي بيان بازي بند ٿيڻ گهرجي ۽ عوام اهڙي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪنديڪيو. هن چيو ته ايڪتا ڏهاڙي تي ڌرتيءَ سان محبت جي اظهار طور سنڌ جي سڀني اسڪولن ۾ گل ۽ ٻوٽا پوکيا ويندا. هن چيو ته ايڪتا اصل ۾ ڌرتيءَ سان محبت ۽ عوام جي خدمت آهي، پيپلز پارٽيءَ کان وڌيڪ ڪو به محبت وطن، ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ۽ عوام جي خدمت ڪندڙ نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي اهو عزم ٿي ڪري ته ٻولي، ناڻي۽ پاڻي تي ڪابه مصلحت نه ڪنداسين ۽ صوبي جي سرحدن ۾ ڪا به تبديلي ٿيڻ نه ڏني ويندي، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي ۽ ڌرتيءَ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته وسيم اختر پاران تعليم کاتي ۾ نوڪريون پئسن عيوض وڪرو ٿيڻ، پنهنجا نوازڻ ۽ نوڪرين ۾ شهري آباديءَ کي نظر انداز ڪرڻ واريون ڳالهيون غلط آهن، اهڙين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي. بنا ڪنهن ثبوتن جي الزام بازي نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته دعويٰ سان ٿا چئون ته تعليم کاتي ۾ نوڪريون اين ٽي ايس تحت ميرٽ تي ڏنيون پيون وڃن ۽ تازو ئي ڪراچي ڊويزن سان تعلق رکندڙ 1188 اميدوارن کي بنا ڪنهن فرق جي ميرٽ تي ايڇ ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي طور ڀرتي ڪيو ويوآهي. هن چيو ته عمران خان هاڻي ڌرڻن تان پوئتي هٽندي نظر اچي رهيو آهي نئون پاڪستان ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان قوم کي ٻڌائي ته هو سياسي جماعتن جي مذاڪراتي ڪميٽي سان ڳالهيون ڪرڻ بدران آرمي چيف سان ڇو ملڻ ويو هو. ؟ هن چيو ته عمران خان جمهوريت جو دائي آهي ته پوءِ ٻڌائي ته هو ڌانڌليءَ جي جاچ ۾ آءِ ايس آءِ، آءِ بي کي ڪيئن شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي . هن چيو ته ڌانڌليءَ جي اسان به خلاف آهيون ڀلي تڪ کولڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي پر ان جي آڙ ۾ جمهوري سسٽم کي تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڌرڻا هڻندڙ 58 ٽو بي جا حامي آهي هو چاهين ٿا ته سياسي نظام نه هلي ۽ رات جي اونڌاهيءَ ۾ ڪي ٻيا اچي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *