ايڊيلڊ اوپن ٽينس: اينجليڪ ڪربر انجري جي ڪري آئوٽ

 

ميلبورن(اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ۾ کيڏي ويندڙ ايڊيليڊ اوپن جي ٻئي رائونڊ ۾ اڳوڻي عالمي نمبر ون اينجليڪ ڪربر انجري ڪري ميچ مڪمل نه ڪري سگهي ۽ زخمي ٿي پئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽينس سيزن جي پهرين گرينڊ سليم جون تياريون عروج تي پهتل آهنم پهرين ايڊيليڊ اوپن جي ٽائٽل لاءِ وومين سنگلز ۾ يوڪرائن جي مشهور رانديگرياڻي يسٽر مسڪا اڳوڻي نمبر ون انجليڪ ڪربر سان مقابلو ڪيو. جرمن رانديگر پهرين سيٽ ۾6-3 تان شڪست کاڌي، جنهن دوران کيس تڪليف ٿي ۽ هوءَ ميچ جاري نه رکي سگهي. ٻئي سيٽ جي شروعات ۾ ئي ڪربر ميچ اڌ ۾ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي.ياد رهي ته آسٽريلين اوپن ٽينس 2020ع ٽورنامينٽ 20 جنوري کان شروع ٿيندو، جنهن لاءِ ڪواليفائنگ رائونڊ جون ميچز جاري آهن، جڏهن ته ميلبورن ۾ آلودگي جاري ڪري ايونٽ کي اڳتي وڌائڻ يا نه وڌائڻ جي حوالي سان غور جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *