ايڊمنسٽريٽر رئوف اختر فاروقي کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر رئوف اختر فاروقي کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ سرڪار ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر رئوف اختر فاروقي کي عهدي تان هٽائي نوٽفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي کي عهدي تان هٽايو. عهدي تان هٽايل ايڊمنسٽيٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي جي مقرر حد کان وڌيڪ عمر هئڻ باوجود وڏن عهدن تي رهڻ خلاف درخواست تي کيس عهدي تان هٽايو ويو. ياد رهي ته رئوف اختر فاروقي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سميت اعليٰ عهدن تي به رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *