ايڊمنسٽريٽر، ڊي ايم سيز گهٽين، پاڙن، فٽ پاٿ ۽ روڊن تان حددخليون ختم ڪن: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) وڏين حددخلين کان پوءِ هاڻي گهٽين، پاڙن ۾ قائم حددخلين جو وارو، سپريم ڪورٽ لکت فيصلو ڏيندي سمورن ڊي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ بئنچ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو لکت فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪراچي جا سمورا ڊي ايم سي ايڊمنسٽريٽر ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين. ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سيز گهٽي، پاڙن، فٽپاٿن ۽ رستن تان حددخليون ختم ڪن، گهٽين پاڙن، رستن، فٽپاٿ تي قبضي بابت رپورٽ پيش ڪن. ٻڌايو وڃي ته هر حد ۾ حددخلين کي ختم ڪرڻ بابت ڪيتري اڳڀرائي ٿي، ايندڙ سيشن ۾ سمورا ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي رپورٽ سميت پيش ٿين، سپريم ڪورٽ سنڌ جي سمورن ميونسپل ڪمشنرز کي گهرائي ورتو، لکت فيصلي موجب سمورا ميونسپل ڪمشنر پنهنجي پنهنجي علائقن جي رپورٽ جمع ڪرائين سپريم ڪورٽ ميونسپل ڪمشنر حيدرآباد، لطيف اباد، قاسم آباد، ڄامشورو، بدين، جيڪب آباد، ٺٽو، لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، مٽياري، سانگهڙ ڪشمور، خيرپور، شڪارپور، ٽنڊوالهيار، ٿرپارڪر، سجاول عمرڪوت، نوشهروفيروز، بينظير اباد، قمبر، شهدادڪوٽ ميرپور خاص جي ميونسپل ڪمشنر کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف نسله ٽاور کان پوءِ تجوري هائيٽس جو وارو، سپريم ڪورٽ تجوري هائيٽس جي اراضي منتقلي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو خميس تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بئنچ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي مبينه ايراضي تي حددخلين بابت تجوري هائٽس جي تعمير جي خلاف پاڪستان ريلوي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي تجوري هائيٽس جا وڪيل رضا رباني، عابد زبيري ۽ ٻيا پيش ٿيا جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته زمين منتقل ڪرڻ جو طريقو ئي غلط اختيار ڪيو ويو، اوهان جي ايراضي هڪ سروي نمبر کان ٻئي سروي نمبر ۾ ڪيئن منتقل ٿي سروي نمبر 190 کان ايراضي سروي نمبر 188 ۾ غيرقانوني منتقل ٿي؟ ايراضي منتقل ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو ويو اهو ڪرمنل جرم آهي، رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته 1.7 ايڪڙ ايراضي ضابطي تحت منتقل ٿي سروي نمبر 190 ۾ ايراضي نه هئي تنهنڪري سروي 188 مان زمين ڪڍي وئي. جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي اصيل اسٽمپ ڊيوٽي به چوري ڪئي جنهن تي 10 ڀيرا ڊيوٽي جو ڏنڊ آهي رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته مان پنهنجي اصيل شائسته قريشي نالي زمين منتقلي تي قانون مطابق ڪارروائي ٿي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته اوهان وٽ سروي نمبر 188 جي ڪائي سيلڊيٽي نه آهي، اوهان جي اصيل جيڪا سيلڊيٽ ڪئي اها سروي نمبر 190 جي هئي رضا رباني چيو ته منهنجي اصيل ته رڳو ايراضي خريد ڪئي جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ۾ چايو ته اها ئي ڳالهه اسان چئي رهيا آهيون ته ٽائيٽل تبديل ناهي ٿيو اوهان کي سروي نمبر 190 بدران 188 جي سيل ڊيٽ ڪرائڻي هئي گهٽ ۾ گهٽ هن وقت پراپرٽي اوهان جي نٿي ٿئي رضا رباني چيو ته اسان جي سيل ڊيٽ 2015 جي آهي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايراضي ايترو جلد منتقل ٿي جو غلطيون ظاهر آهن، رضا رباني چيو ته سروي نمبر 190 ۾ قبضو هو تنهنڪري سروي نمبر 188 ۾ متبادل زمين ورتي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته اوهان سيلز ٽيڪس کان ٽائيٽل تائين سروي نمبر 188 ۾ منتقلي نه ڪرايا رضا رباني چيو ته مون لڳي ٿو ته مان سپريم ڪورٽ کي سمجهائي نه پيو سگهان جسٽس قاضي محمد امين احمد ريمارڪس ڏنا ته سمورو بئنچ سمجهي چڪو ته اوهان جو ڪيس آهي ڇا، ٽن ڏينهن کان چيف جسٽس متفق آهي ته اوهان جو ڪوئي ڪيس نٿو بڻجي سپريم ڪورٽ تجوري هائيٽس جي ايراضي جي منتقلي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي بلڊنگ به فارغ ٿي وئي عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته سرڪاري کاتن تي دعويٰ ڪريو اها اوهان جي مرضي هي واضح ٿي ويو ته هي پراپرٽي اوهان جي نه آهي ايراضي ريلوي جي آهي يا نه آهي اهو اسان اڃا طئي نه پيا ڪريون چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهو طئي ٿي چڪو آهي ته عمارت غيرقانوني آهي جيڪو به اسٽريڪچر آهي ڊيٽونيٽر سان ڪيرائڻ جو حڪم ڏينداسين، ڪاغذن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي سپريم ڪورٽ عمارت ڪرائڻبابت وڪيل کان جواب گهري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پنهنجي ڪلائٽ کانپ ڇا ڪري ٻڌايو تهپ اڻ ڪيرائيندا يا اسان حڪم ڏيون؟ هي نه ختم ٿيندڙ سلسلوآهي جيڪڏهن هي سلسلو بند نه ٿيو ته پوءِ ڪڏهن به بند نه ٿيندو اوهان پئسا ڏئي روينيو کان ڪجهه به ڪرائي سگهو ٿا رضا رباني چيو ته اڃا پوري بلڊنگ ڊهي به نه آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪو به اسٽريڪچر آهي ڊيٽونيٽر سان ڪرائڻ جو حڪم ڏينداسين. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *