
لاهور(م ڊ) پاڪستان جي انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي لياقت پور ريل حادثي تي صدمي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ريلويز جي هلندڙ ريل گاڏين ۾ مسافرن جي حفاظتي انتظامن تي سخت ڳڻتي آهي. هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ريل ويز ملڪ جي شهرين جي سفر جو مک وسيلو آهي ان ۾ سمورا حفاظتي انتظام پورا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ريلوي واري وزير پاران هن خوفناڪ حادثي جي ذميواري مسافرن تي وجهڻ انتهائي صدمو ڏيندڙ آهي. اسان ان حادثي جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا متاثرن ۽ سندن ڪٽنبن سان گڏ آهيون.