ايڇ آئي وي ايڊز نالي موت جا رتوديرو تي لامارا، معصوم ٻار فوت، وڌيڪ 8 ٻارڙن وائرس هئڻ جي تصديق، انگ 186 ٿي ويو

رتوديرو(رپورٽر) ايڇ آء وي ايڊز نالي موت جا رتوديرو تي لامارا هڪ معصوم ٻار فوت، بلڊ اسڪريننگ دوران وڌيڪ اٺن ٻارن ۾ ايڇ آء وي هئڻ جي تصديق، ايڇ آء وي ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 186 ٿي ويو، رپورٽ موجب ايڇ آء وي ايڊز تي ضابطو نه اچي سگهيو، موضي مرض ۾ مبتلا هڪ معصوم ٻار 1 ورهين جو صمد پٽ سڄڻ عمراڻي فوت ٿي ويو، ٻئي پاسي هڪ ڏينهن جي وقفي بعد تعلقه اسپتال ۾ لڳايل هڪ روزه ميڊيڪل ڪئمپ تي سنڌ ایڊز پروگرام، آغا خان اسپتال، یونیسیف، ڊبلیو ایڇ او، گلوبل، انڊس، پي پي ايڇ سميت ٻين اسپتالن جي ماهر ڊاڪٽرن ايڇ آء وي ايڊز ڪنٽرول انچارج سنڌ ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ، ڊاڪٽر اختر، ڊاڪٽر صاحب جان، ڊاڪٽر فاطمه مير ۽ ٻين ڊاڪٽر رتوديرو شهر سميت ڀرپاسي کان ايندڙ سوين مريضن جي چڪاس ڪئي ۽ ڪاري ڪامڻ، ٽي بي سميت ٻيا ضروري ٽيسٽون ۽ ايڪسرا پڻ ڪيا ۽ مفت دوائون ڏنيون، جڏهن ته ايڇ آء وي جي حوالي سان 6 ڪائونٽر تيار ڪيا ويا جتي 5 سئو کان وڏيڪ ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي، بلڊ اسڪريننگ دوان وڌيڪ اٺن ٻارن جون رپورٽ پازيٽو آيون جن ۾ 4 سالن جو صنعان پٽ عبدالله گهانگهرو، 3 سالن جو محبت علي پٽ اختيار جعفري، 4 سالن جو زبير چانڊيو،  8 سالن جو عبدالقيوم پٽ راول جلباڻي، 5 سالن جي شڪيلان ڌي محمد علي سومرو سميت ٻيا شامل آھن، ان موقعي تي ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو صحافين کي ٻڌايو ته 4 هزار 378 ماڻهن جا بلڊاسڪريننگ زريعي ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 180 رپورٽون پازيٽيو آيون جن ۾ سڀ کان وڌيڪ  148 ٻارن جو انگ شامل آھي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *