ايڇ آءِ وي متاثرن ۾ ڪراچي پاڪستان جو ٻيو وڏو شهر قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سروي دوران ملڪ جي جاچ ڪيل 23 شهرن مان 22 ۾ ايڇ آءِ وي وائرس مليو آهي، جنهن سلسلي ۾ قصور کانپوءِ ڪراچي پاڪستان جو ٻيو وڏو شهر سامهون آيو آهي، جتي ايڇ آءِ وي متاثرن جو وڏو انگ موجود آهي، ماهرن موجب هي وائرس انهن ماڻهن ۾ ڏٺو ويو آهي، جيڪي انجيڪشن ذريعي منشيات جو استعمال ڪندا، جنس تبديل ڪن ٿا، مرد ٻين مردن سان جنسي تعلق رکن ٿا ۽ عورت جسم فروشن ۾ پڻ اهو وائرس گهڻي قدر ڏٺو ويو آهي، گذريل ڀيري جنهن 2011 ۾ سروي ڪئي وئي هئي، ان وقت ايڇ آءِ وي محدود حد تائين موجود هئي، ان وقت رڳو ٻن گروپن تائين اهو محدود هيو، جڏهن ته هاڻي اهو سمورن چئن گروپن ۾ لڳ ڀڳ ٻن درجن شهرن تائين ڦهلجي ويو آهي، سروي ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور، پشاور، بهاولپور، تربت، بنون، ڊيرا غازي خان، فيصل آباد، گجرانوالا، گجرات، جهلم، قصور، ملتان، سرگوڌا، شيخوپوره، سيالڪوٽ، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، نوابشاهه ۽ سکر شهر شامل ڪيا ويا هئا، رپورٽ ظاهر ڪري ٿي ته نه رڳو ايڇ آءِ وي متاثرن جو انگ وڌيو آهي پر جڳهن جي ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *