ايٽمي پروگرام جي حوالي سان ڪنهن قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو ملڪ جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان چيو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان ڪنهن قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو ملڪ جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو شام جي حوالي سان موقف واضح آهي شام جي مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي چاهيون ٿا پاڪستان ۽ سعودي عرب جي فوجين جي گڏيل جنگي مشقون دهشتگردي روڪٿام لاءِ آهداعش جو پاڪستان تي پاڇو برداشت نه ڪنداسين عالمي برادري انتهاپسند تنظيم شيوسينا جي دهشتگرداڻي ڪارروائين تي نوٽيس وٺي صحافين کي هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي دفتر ترجمان چيو ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان ڪنهن قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي ملڪ آهي ۽ ان جو ايٽمي پروگرام صرف دفاعي مقصدن لاءِ آهي ترجمان چيو ته سڄي دنيا دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ضرب عضب جي تعريف ڪئي آهي هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي فوج جون گڏيل جنگي مشقون دهشتگردي روڪٿام لاءِ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *