ايون فيلڊ ڪيس ريفرنس جو فيصلو: نواز شريف کي 10، مريم نواز کي 7 ڪيپٽن صفدر کي هڪ سال جي سزا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 10سال، سندس نياڻي مريم نواز کي 7 سال ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. احتساب عدالت نواز شريف تي 80 لک پائونڊ ۽ مريم نواز ت لک پائونڊ جو ڏنڊ پڻ هنيو ويو آهي جڏهن ته ايون فيلڊ اپارٽمنٽس کي سرڪاري قبضي ۾ وٺڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. مريم نواز عدالت طرفان سزا واري فيصلي بعد چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل ٿي وئي آهي. مريم نواز کي ڪوڙن دستاويز جمع ڪرائڻ تي به هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ان کان اڳ عدالت طرفان فيصلي کي ٽي ڀيرا دير ان کي ساڍي ٽئين وڳي ٻڌائڻ جو وقت ڏنو هو پر فيصلو وري ديري جو شڪار ٿي  ويو، هڪ ڀيرو وري احتساب عدالت جي جج طرفان ٻڌايو ويو ته فيصلو ٻڌائڻ ۾ 30 کان 40 منٽ لڳي سگهن ٿا. عدالت ايون فيلڊ جو فيصلو ساڍي ٻارهين وڳي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ان فيصلي کي اڍائي وڳي، وري 3 وڳي ۽ بعد ۾ ساڍي ٽئين وڳي تائين لاءِ دير ڪيو ويو .احتساب عدالت جي جج مسلسل ٽيون ڀيرو فيصلو دير ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته فوٽو ڪاپيون ڪرائڻ ۾ وقت لڳي ويندو آهي، ڪجهه صفحا اڳتي پوئتي ٿي وڃڻ ٿا، جن جي ترتيب درست ڪرڻي پوندي آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز لنڊن موجودگي سبب اڄ پيش نه ٿيا، ۽ انهن اهو فيصلو ايون فيلڊ اپارٽمنٽ ۾ ئي ٻڌو، جڏهن نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن،(ر) محمد صفدر مانسهرا ۾ موجودگي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جتي هو پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *