ايوان ۾ دهشتگردي جو مسئلو اٿارڻ سياست ڪرڻ ناهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪاوڙ ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي شڪارپور سانحي ۾ وزيراعظم ۽ ٻيا وزير نه ويا جنهن سبب احساس محروم پيدا ٿي ايوان ۾ دهشتگردي جو مسئلو اٿارڻ سياست ڪرڻ ناهي، وڏا وڏا واقعا ٿيا حڪومت جي مدد ڪئي سياست نه ڪئي، قومي اسيمبلي ۾ گهرو وزير جو جواب ڏيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪاوڙ ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي، معتبر سوچ رکڻ گهرجي هتي ڪو ماءُ پٽ آزاد ڳالهه نه ٿا ڪن، خورشيد شاهه چيو ته شڪارپور سانحي ۾ وزيراعظم ۽ ٻيا وزير نه ويا جن سبب احساس محروم جنم ورتو، اهڙا الزام ننڍي ذهن جي ڳالهه آهي، اسان کي بريفنگ ۾ ٻڌايو يوو ته دهشتگرد جو مٿو، پير ۽ ٻانهون مليا آهن جڏهن ته  گهرو وزارت چئي ٿي ته صرف آڱر ملي آهي عوام صرف اجلاس يا مذمتي بيان نه پر عملي قدم ڏسڻ چاهي ٿي، ايوان ۾ دهشتگردي جو مسئلو اٿارڻ سياست ڪرڻ ناهي وڏا وڏا واقعا ٿيا حڪومت جي مدد ڪئي سياست نه. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي صوبي ۾ اهڙو واقعو پيش اچي ها ته وزيراعظم سندس ڪابينا سميت ٽن ڏينهن لاءِ اتي موجود هجي ها. خورشيد شاهه چيو ته هو نه ٿا چاهين ته اهڙن واقعن تي سياست ڪجي پر هو مادر پدر واري سياست نه ڪرڻ چاهين. هن چيو ته دهشتگردي 13 سال پراڻو ۽ وڏو مسئلو آهي، جڏهن ته هو ان معاملي تي الزام نه ٿا هڻن . سندس چوڻ هو ته ڇا مظلومن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ به سياست آهي ڇا ؟؟ خورشيد شاهه چيو ته ڊي آءِ جي کين بريفنگ ڏني ته شڪارپور ۾ دهشتگرد جا هٿ پير ۽ منڍي هٿ ڪئي آهي پر گهرو وزير جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار جي صرف آڱر ملي آهي، جڏهن ته هو ان معاملي تي سنڌ حڪومت سان ٻيهر ڳالهائيندا. هن جو چوڻ هو ته اڃا وقت ناهي ويو وزايرعظم شڪارپور وڃي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *