ايوان اندر پي ٽي آءِ خلاف جملي بازي افسوسناڪ آهي، اسيمبلي کي جعلي چوڻ عمران خان جو ٻٽو معيار آهي:خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي موجودگي ۾ ايوان اندر پي ٽي آءِ خلاف جملي بازي افسوسناڪ آهي جڏهن ته پارليامينٽ ۾ اچي اسيمبلي کي جعلي چوڻ عمران خان جو ٻٽو معيار آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کي پارليامينٽ احسن انداز ۾ هلائڻي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم جي موجودگي ۾ تحريڪ انصاف خلاف ڳالهايو ويو پر پارليامينٽ ۾ اچي اسيمبلي کي جعلي چوڻ عمران خان جو به ٻٽو معيار آهي. خورشيد شاهه چيو ته عمران خان کي هاڻي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن، هـُو چاهين ٿا ته نظام هلندو رهي نه ته جمهوريت  هٿن مان نڪري ويندي. اپوزيشن ليڊر چيو ته سندن اتحاد ۾ تحريڪ انصاف جون مخالف جماعتون آهن ان لاءِ پي ٽي آءِ کي اپوزيشن اتحاد ۾ شامل ڪرڻ ممڪن ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *