اين اَي 75 ڊسڪه تي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار، ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن، اين اَي 75 ڊسڪه تي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي: 18 مارچ تي سموري تڪ تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته تڪ تي ننڍي چونڊ دوران ماحول سازگار نه هو، تنهنڪري اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي: ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊ دوران 20 پرزائيڊنگ آفيسرن جي مبينا اغوا واقعي بعد نون ليگ سموري تڪ تي ٻيهر چونڊ جو مطالبو ڪيو هو، تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو،  اين اي 75 تي ننڍي چونڊ دوران ڌانڌلي ٿيڻ تي گجرانوالا ڊويزن جي ڪمشنر ۽ آر پي او کي ڊويزن بدر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن سيالڪوٽ جي ڊي سي، ڊي پي او ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي به معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي آهي ته سيالڪوٽ جي معطل ٿيل آفيسرز کي اڳتي ڪنهن به اليڪشن ۾ ڊيوٽي تي نه لڳايو وڃي، آفيسرز خلاف جاچ اليڪشن ڪميشن، وفاقي سرڪار يا پنجاب حڪومت ڪندي، اِن جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ دوران غفلت ڪرڻ تي پنجاب جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي ذاتي طور طلب ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن اين اي 75 سيالڪوٽ تي ننڍي چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اين اي 75 تي ننڍي چونڊ دوران ووٽرز ۽ اليڪشن عملي لاءِ ماحول سازگار نه هو، تنهن ڪري ننڍي چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي….

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *