اين اي 246 جي چونڊ: اليڪشن ڪميشن بائيو ميٽرڪ ذريعي ووٽنگ کان نابري واري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن اين اي 246 ۾ بائيو ميٽرڪ مشين ذريعي ووٽنگ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عملدارن جو چوڻ آهي ته بائيو ميٽرڪ سان آڱوٺن جي تصديق ڏکي آهي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جلد ڪراچي جو دورو ڪندو. تفصيل مطابق ڪراچي جي تڪ اين اي 246 ۾ رينجرز سنڌ بائيو ميٽرڪ ووٽنگ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته في الحال ضمني چونڊ بائيو ميٽرڪ سسٽم ذڙيعي نه ٿي ڪرائي سگهجي بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي ماضي ۾ جيڪا مشق ڪئي وئي ان ۾ ڪافي ڏکيائي ٿي بائيو ميٽرڪ سان آڱوٺن جي تصديق ڪرڻ مشڪل آهي. اليڪشن ڪميشن مطابق اين اي 246 ضمني چونڊن ۾  معياري مس استعمال ڪئي ويندي. جيڪا پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ تيار ڪئي آهي. اها مس بلديا جي چونڊن ۾ به استعمال ٿيندي جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان جلد ڪراچي جو دورو ڪندو ۽ اين اي 246 جي چونڊ انتظامن جو جائزو وٺندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *