اين اي 246 تي ننڍي چونڊ رينجرز ۽ پوليس جي نگراني ۾ٿيندي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته 23 اپريل تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 جي ننڍي چونڊ رينجرز ۽ پوليس جي نگراني ۾ ٿيندي، سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته متحده قومي موومينٽ ۽ تحريڪ انصاف سياسي تدبر جو مظاهرو ڪري ۽هڪ ٻئي تي الزام تراشي بجاءِ منصفاڻي چونڊ لاءِ ڪوششون ڪري، هن چيو ته رينجرز ۽ پوليس تڪ ۾ آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊ کي يقيني بڻائن ٻنهي فورسز گڏجي شهر ۾ امن امان بحال ڪيو ۽ چونڊن جي ڏينهن به امن بحال رکي سگهن ٿيون، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ جاري آپريشن ڏوهارين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، آپريشن سبب ڏوهن ۾ رڪارڊ گهٽتائي اچي وئي آهي، ڏوهارين جو سندن خاتمي تائين پيڇو ڪيو ويندو، امن امان جي بحالي سنڌ سرڪار جي پهرين ترجيح آهي، ڪنهن کي شڪ نه هئڻ گهرجي ته ڪو آپريشن ڪنهن جماعت  يا فرد خلاف پي ٿئي، آپريشن بهتر نتيجا ڏنا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *