اين اي 122 جي ننڍي چونڊ: ن ليگ ميدان ماري وئي، اياز صادق کي سرسي

 

 

لاهور(بيورو) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ آخري اطلاعن تائين ووٽن جي ڳڻپ جاري هئي جڏهن ته 284 مان 2015 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جي اميدوار سردار اياز صادق 68 هزار 521 ووٽن سان پهرئين نمبر تي ۽ تحريڪ انصاف جو اميدوار

عليم خان 64 هزار 510 ووٽن سان ٻئي نمبر هو. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 ۽ 144 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل صبح جو 8 وڳي شروع ٿيو جيڪو بنا وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهيو. لاهور جي تڪ اين اي 122 جي 215 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب (ن) ليگ اميدوار اياز صادق 68 هزار 521 ووٽن سان اڳتي آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اميدوار عليم خان 64 هزار 510 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. ٻئي پاسي اوڪاڙه جي تڪ اين اي 144 جي سمورن پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار رياض الحق ڪامياب ٿي ويو آهي. رياض الحق 81 هزار 240 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيو جڏهن ته مخالف مسلم ليگ (ن) جي اميدوار کي 39 هزار 190 ووٽن سان هارايو. چونڊ جي ڊوڙ ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار اشرف سوهنا رڳو 7 هزار 105 ووٽ ئي حاصل ڪري سگهيو. اين اي 122 لاهور ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 3 لک 47 هزار 762 آهي جنهن مان مرد ووٽرن جو انگ هڪ للک 90 هزار 328 آهي، تڪ ۾ 284 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون جن مان 80 کي حساس قرار ڏنو ويو هو. سمورين پولنگ اسٽيشنن تي فوجي اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا جڏهن ته 5 هزار پوليس اهلڪارن به ڊيوٽي جا فرض ادا ڪيا. اليڪشن ڊيوٽي لاءِ پوليس 38 هنڌن تي ناڪابندي ڪئي. لاهور ۾ پي پي 147 ۾ به ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ ٿي جنهن لاءِ (ن ليگ جي مهسن لطيف ۽ تحريڪ انصاف جي شعيب صديقي وچ ۾ وڏو مقابلو آهي. اليڪشن ڪميشن سمورين پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ۽ صوبائي مرڪزي آفيس ۾ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو جنهن جي نگراني صوبائي چيف اليڪشن ڪمشنر ڪئي جڏهن ته اسلام آباد ۾ قائم ڪيل ڪنٽرول روم جي نگراني چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪئي. مسلم ليگ (ن) جي اميدوار اياز صادق شيخ سردار هاءِ اسڪول ڳڙهي شاهو ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، انهيءَ کانسواءِ ڳڙهي شاهو ۾ (ن)( ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي اميدوارن جون گاڏيون آمهون سامهون اچڻ تي ٻنهي پارٽين پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي جڏهن ته سمن آباد جي علائقي ۾ ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ هاٿاپائي پڻ ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *