اين اي 122 جي فيصلي کانپوءِ رستن تي اچڻ جو فيصلو ڪنداسين: عمران خان

لاهور (م.ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان گلبرگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو اين اي 122 جي فيصلي کانپوءِ رستن تي اچڻ جو فيصلو ڪنداسين جوڊيشل ڪميشن جي حوالي سان حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو نه پئي ڪري جيڪڏهن اهو ئي رويو رهيو ته اسان احتجاجي تحريڪ ٻيهر شروع ڪنداسين عمران خان چيو ته اڳ به احتجاج ۾ لاهور وارن ڀرپور ساٿ ڏنو هاڻ به يقين آهي ته لاهور جا ماڻهو اسان سان گڏ هوندا  تحريڪ انصاف جو چيئرمين عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت لاءِ لاهور آيو هو عمران خان چيو خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊون بائيوميٽرڪ سسٽم ذريعي ڪرائينداسين، سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو پارٽي اجلاس ۾ ٿيندو ۽ پنجاب ۽ سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جو اعلان ٿينديو ته حصو وٺڻ جو سوچينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *