اين ايف سي ايوارڊ جو آدمشماري سان ڪو به تعلق ناهي: وڏو وزير

ميرپورخاص (مختيار ڪيريو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ماضي ۾ به پيپلزپارٽي جي دور ۾ منظور ڪرايو ويو هو ۽ هاڻي به بهتر کان بهتر طريقي سان منظور ڪرايو ويندو . اهڙو اظهار هن نئون ڪوٽ ۾ ايم اين اي فقير شير محمد ٻلالاڻي جي رهائشگاهه تي سندس والده جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو . وڏي وزير چيو ته بلدياتي نمائندن جي اختيارن جو فيصلو سنڌ اسيمبلي ڪري چڪي آهي انهن کي قانون مطابق اختيار ڏنا ويندا . وزير اعليٰ  سنڌ سيد مراد علي شاھه  هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٿر ۾ ڊيم فزيبلٽي مطابق ٺهي رهيو آهي اتان جي مقامي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون ڇاڪاڻ ته اسان ٿر جي ماڻهن کي هر قسم جون سهولتون ڏيڻ جا پابند آهيون . هن وڌيڪ چيو ته ٿر ڪول هڪ قومي منصوبو آهي ان ڪري ماڻهن کي پنهنجا ذاتي مفاد ڇڏڻا پوندا ملڪ جي ترقي لاءِ ڪجھه تڪليفون ته کڻڻيون پونديون آهن. وڏي وزير چيو ته ٽيل تائين جي واهن ۽ ڪئنالن لاءِ وڌيڪ بجيٽ رکي آهي جنهن سان هتان جي ماڻهن جي پاڻي جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو . هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزير اعليٰ سنڌ چيو ته مان جلد ٿر جو دورو ڪري ٿر جي مسئلن کي حل ڪرڻ سان گڏو گڏ پيڪيج جو اعلان ڪندس . ان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهھ  ڊگھڙي ۾ ايم پي اي مير حيات ٽالپر جي رهائشگاهھ تي سندس ننڍي ڀاءُ چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڊگھڙي مير علي محمد خان ٽالپر جي وفات تي تعزيت ڪئي . ان موقعي تي صوبائي وزير منظور وساڻ، امداد پتافي ، تيمور ٽالپر، ايم پي اي نور احمد ڀرڳڙي، ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن شفيق احمد مهيسر، ڊپٽي ڪمشنر سيد مهدي علي شاهھ، ڊي آءِ جي پوليس ميرپورخاص جاويد عالم اوڍو ، ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي، ڊاڪٽر عبدالله ٽالپر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *