اين آر او نه ڪيون ها ته جج اڃا تائين جيلن ۾ هجن ها: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته بينظير ڀٽو ۽ اين آر او نه ڪيون ها ته جج اڃا تائين جيلن ۾ پيا هجن ها. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اين آر او جو آصف زرداري سان ڪو به تعلق ناهي، بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ سياسي اين آر او ڪيو هو. هن چيو ته بينظير ڀٽو اين آر او ذريعي جمهوريت جو رستو هموار ڪيو ۽ ججن کي بچايو. سندس چوڻ هو ته اين آر او نه ڪيون ها ته جج اڄ به جيلن ۾ پيل هجن ها. خورشيد شاهه چيو ته منهنجو ذهن اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته چوڌري نثار پي ٽي آءِ ۾ ويندو. هن چيو ته نيب قانون ۾ ترميم جو معاملو نئين پارليامينٽ ڏسندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *