ايندڙ 5 سالن تائين لوڊشيڊنگ جو خاتمو ممڪن ناهي: نيپرا رپورٽ ۾ انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) نيپرا حڪومتي دعوائن جي پول پڌرا ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته ايندڙ پنجن سالن تائين ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ممڪن ناهي، 2020 تائين به بجلي جو شارٽ فال 12 سئو ميگاواٽ تائين رهندو. نيپرا پاران بجلي جي طلب ۽ گهرج اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ منظر عام تي اچي وئي آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ مان ايندڙ پنجن سالن تائين به لوڊشيڊنگ جو خاتمو ممڪن ناهي، 2020ع تائين به 12 سئو ميگاواٽ تائين بجلي جو شارٽ فال موجود رهندو.  نيپرا رپورٽ موجب، ڪي اليڪٽرڪ کي ايندڙ سال 11 سئو 32 ميگا واٽ جو شارٽ فال هوندو، جڏهن ته 4 سئو 80 ارب رپين جي ادائيگي باوجود عوام کي رليف نه ملي سگهيو آهي. واضح رهي ته حڪمرانن 2018تائين ملڪ مان لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي دعويٰ ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *