ايندڙ 24 ڪلاڪن کان 48 ڪلاڪن ۾ ڌرڻو ختم ڪرائڻ جو پرامن حل ڳولي وٺنداسين: احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گھرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته عدالت کان وقت گھريو آهي ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ ڌرڻي جو حل ڪڍي وٺنداسين ڪجھه سازشي چاهين ٿا لال مسجد ۽ ماڊل ٽائون جھڙو سانحو ٿئي، هن وقت اسانجي خلاف گھڻيون ٻاهريون سازشون آهن جن جو مقصد ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي اسان سڀ مسلمان آهيون ختم نبوت صه جو سڀني جو ايترو ئي عقيدو آهي جيترو ڌرڻي وارن جو آهي. ختم نبوت قانون جي محافظ پارليمينٽ ۽ عوام آهي، مستقبل ۾ ڪنهن کي ڌرڻي جي اجازت نه ڏني ويندي، سومر تي ميڊيا سان ڳالهائندي احسن اقبال چيو ته ڌرڻي وارن تي طاقت  جي استعمال سان رتو ڇاڻ جو خدشو آهي سازشي ماڻهون چاهين ٿا ته ملڪ ۾ لال مسجد ۽ ماڊل ٽائون جھڙو واقعو ٿئي، هن چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته ڪائي ڇڪتاڻ پيدا ٿئي هن وقت اسانجي خلاف ڪافي ٻاهريون سازشون  آهن جنهن جو مقصد ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي ، احسن اقبال چيو ته عدالت کي اپيل ڪئي ته موقعو ڏنو وڃي ته جيئن عالم سڳورا جيڪي ڪوششون ڪري  رهيا آهن ان سان ڌرڻي وارن کي ٻڌائي سگھن ته ختم نبوت تي ملڪ ۾ هن و قت ڪو مسئلو ناهي هي قانون اڳ کان و ڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي، هن حڪومت جو ڪارنامون آهي جيڪو قانون 2002 ۾ مشرف 10 ڏينهن جي لاءِ جوڙيو ويو، ان جي سيون بي ۽ سي جو شقو مفقود ٿي چڪيون هيون پر اسان انکي مستقل ڪرڻ جو حصو بڻائي ڇڏيو جيڪا ختم نبوت تي ايمان رکندڙن جي لاءِ وڏي ڪاميابي آهي ، گھرو وزير چيو ته ختم نبوت صه قانون جي محافظ پارليمينٽ ۽ عوام آهي اهو تاثر ڏيڻ ته هن قانون تي ڪائي سوديبازي ڪري سگھجي ٿي هي صرف نفرت پکيڙڻ آهي  جنهن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگھجي.  هن چيو ته ڌرڻي وارن کي اپيل ڪريون ٿا هن وقت ملڪ جو حالتون ڪنهن  ٽڪراءَ جي اجازت نه ٿيون ڏين اسانکي رتو ڇاڻ نه ڪرڻ گھرجي تنهن ڪري ربيع الاول جي تقدس جي لاءِ ڌرڻون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪريو هن چيوته ڌرڻي وارن خاطري ڪرائي هئي ته اهي ڌرڻون نه ڏيندا پر هتي پهچي انهن ڌرڻون هنيو ان ۾ اسانجي غفلت  کان وڌيڪ خوشفهمي جو دخل هيو اسانکي پڪ ڏياري وئي هئي ته ائين نه ٿيندو هاڻي مستقبل ۾ انتظاميا کي چٽن   لفظن ۾ هدايت  جاري ڪئي ويندي اهڙي صورتحال مستقبل ۾ پيش نه  اچي جنهن سان شهري پريشاني سان منهن ڏين. هن چيو ته اسان عالمن سڳورن سان گڏجي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ يقين آهي ته ڌرڻي تي  ويٺلن کي قائل ڪنداسي ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ حل ڳولهينداسي، هن چيو ته عدالت کي خاطري ڪرائي آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن کي ڌرڻون  هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *