ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪرپشن جا وڏا ڪيس سامهون آندا ويندا: منظور وساڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڱاري ڏينهن ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ ڪرپشن جي حوالي سان سوال ڪيا ويا، جن تي اينٽي ڪرپشن ۽ جيلز واري وزير منظور حسين وساڻ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪرپشن جا وڏا ڪيس سامهون آندا ويندا. سنڌ حڪومت وڏن وڏن آفيسرن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي ۽ انهن جا چالان پڻ پيش ڪيا ويا آهن. آءِ ٽي واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته 2008ع کان 2013ع تائين آءِ ٽي کاتي ۾ 197 ماڻهن جي غير قانوني طور تي ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڀرتي ٿي ۽ ان ۾ شهري توڙي ٻهراڙيءَ واري ڪوٽا جو خيال پڻ نه رکيو ويو. صوبائي وزيرن اهي ڳالهيون سوالن واري وقفي دوران ٻُڌايون. سوالن وارو وقفو ورڪس اينڊ سروسز ۽ آءِ ٽي کاتي بابت هو. هڪ سوال جي جواب ۾ ورڪس اينڊ سروسز واري وزير هزار خان بجاراڻي ٻُڌايو ته بلڊنگ ڊويزن ضلعي ٺٽي جي لاءِ 10-2011ع کان 13-2012ع تائين مينٽيننس ۽ مرمت جي اسڪيمن لاءِ 20 ڪروڙ 37 لک رپيا رکيا ويا هئا ۽ ان مان 13 ڪروڙ 30 لک رپيا جاري ڪيا ويا، جڏهن ته اَي ڊي پي اسڪيمن لاءِ رکيل 28 ڪروڙ رپين مان 13 ڪروڙ 74 لک رپيا جاري ڪيا ويا. ورڪس اينڊ سروسز واري وزير ٻُڌايو ته دادو ۾ روڊس کاتي ۾ جعلي بل ٺاهڻ ۽ جعلي ادائيگيون ڪرڻ جي الزامن جي جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ 11 جولاءِ 2013ع تي ڇاپو هنيو هو، بعد ۾ اينٽي ڪرپشن جي جاچ ۾ ڪي شاهديون نه مليون. هن وقت اهو ڪيس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ شنوائيءَ هيٺ آهي. سڄي سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف مهم هلندڙ آهي ۽ ڪيترن ئي آفيسرن توڙي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. 20هين گريڊ جا آفيسر پڻ گرفتار ٿيا آهن ۽ ايندڙ 2-3 ڏينهن ۾ ڪرپشن جا ڪيترائي اهم ڪيس سامهون ايندا. مير هزار خان بجاراڻي چيو ته منهنجي کاتي ۾ پڻ ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروايون جاري آهن. مڪيش ڪمار چاولا پڻ ڀرتين جي حوالي سان آگاهي ڏني. هن چيو ته جعلي ڀرتين جي حوالي سان پڻ معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *