ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سمورن پاڪستانين کي يمن مان واپس آڻينداسين: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته چند سئو پاڪستاني يمن ۾ رهجي ويا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ تمام پاڪستانين کي يمن مان واپس آڻينداسين، سعودي بچاءَ وزير سان صنعا ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي آهي، مسلم ملڪن سان گڏجي يمن جي مسئلي جو حل ڳولينداسين. هو يمن ۾ ڦاٿل 6 7 1  پاڪستانين جي استقبال جي موقعي تي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته ڪافي  پاڪستانين کي يمن مان ڪڍيو ويو آهي، يمن ۾ حديده ايئرپورٽ ڪم ڪري رهيو آهي، مسڪلا ۽ صنعا ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي به جلد ڪڍيو ويندو. خواجا آصف چيو ته مسلم ملڪن سان گڏجي يمن جي مسئلي جو حل ڳولينداسين. يمن جي صورتحال تي ويچارڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويو آهي، پارليامينٽ جي اجلاس ۾ يمن ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان حڪومتي قدمن تي ڳالهائبو، سعودي عرب جي علاقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي حمايت جو عزم ڪري رکيو آهي، سعودي حڪام سان صنعا ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ لاءِ مدد جي حوالي سان ڳالهايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *