ايندڙ ڪجهه هفتا انتهائي ڏکيا آهن: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون تي عمل شروع ٿي ويو آهي، ايندڙ ڪجهه هفتا انتهائي ڏکيا آهن، جيڪڏهن عوام ذميواري جو مظاهرو ڪندو ته حڪومت به پنهنجي حصي جون سڀ ذميواريون نڀائيندي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪورونا وائرس بابت ٽيڪنالاجي ذريعي حاصل ڪيل انگن اکرن جي روشني ۾ سڀني صوبن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون تي ڄاڻ شيئر ڪري ڇڏي آهي. سڌ سماءَ واري وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت اين سي او جي پليٽ فارم تان صوبن جي مدد ڪري رهي آهي، اسان جي ٽيم سڀني صوبن جو دورو ڪري اتي جي اسپتالن ۾ طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا، وزيراعظم خاص هدايت ڪئي هئي ته طبي عملي جي ضرورتن ۽ انهن جي مدد لاءِ تجويز ڪيل پيڪيج تي تيزيءَ سان عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته نئين وبا کي ڏسندي نيون دوائون متعارف ٿي رهيون آهن، تنهن ڪري ڊريپ ۾ نين دوائن جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪيو ويو آهي ۽ اين سي سي به ان تي زور ڏنو هو، دوائن جي رجسٽريشن مهينن بدران هاڻ هفتن ۾ ڪئي ويندي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *