ايندڙ ٽن سالن ۾ 7 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي:اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ 7 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي، ملڪي ناڻي جا ذخيرا 16 ارب ڊالرز تان پهچي چــُڪا آهن. اسلام آباد ۾ منعقد پاڪ آمريڪا بزنس فورم کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته توانائي جو بحران ملڪي معيشت خراب هئڻ سبب ٿيو. هن چيو ته جون 2013ع ۾ پاڪستان جي ڏيوالپڻي جو خدشو هو پر موجوده حڪومت جي پاليسين سبب ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. اسحاق ڊار چيو ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ننڍن ۽ وڏن منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ايندڙ ٽن سالن ۾ 7 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي. سندس چوڻ ته آمريڪي سيڙپڪار پاڪستان ۾ زراعت، توانائي، تعليم سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *