ايندڙ ٽن سالن اندر ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي: نواز شريف

مدينو شريف (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي بهتري لاءِ هر قدم کنيا ويندا ۽ دهشتگردن سان گڏ انهن جي سهولتڪارن جو به خاتمو آندو ويندو. مديني شريف ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جو امن خراب ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت طرفان دليراڻا فيصلا ڪيا ويا جنهن کي نظر ۾ رکندي دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪ فوج کي اهم ڪاميابيون مليون ۽ سياسي قيادت جي اتفاق راءِ سان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم به ڪئي. نواز شريف چيو ته حڪومتي قدمن سبب ڪراچي جون حالتون تيزيءَ سان بهتريءَ طرف وڌي رهيون آهن ۽ عزم ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ امن جون روشنيون بحال ڪيون وينديون. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ  ڪئي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو ويندو ۽ سال 2017ع تائين 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ اچي ويندي جنهن سان ملڪ ۾ ترقي جا نوان رستا کــُلندا. نواز شريف چيو ته ملڪي معيشت ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جو ڪردار اهم آهي ۽ حڪومت سڌارن ذريعي حڪمراني جو طريقيڪار وڌيڪ بهتر بڻائيندي. هن چيو ته ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل حڪومتي فيصلن جي شفافيت جي واکاڻ ڪري رهي آهي، هنن جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ناڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالرز کان گهٽ هئا پر هاڻي اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا به 11 ڊالرز تائين پهچي چڪا آهن ۽ اميد آهي ته ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته افغان صدر سان مختلف معاملن تي هم آهنگي آهي ۽ افغانستان سان لاڳاپن ۾ به بهتري آئي آهي جڏهن ته ڀارت طرفان سرحد تي فائرنگ جي واقعن تي ڳڻتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *