ايندڙ ٻوڏن کان بچڻ لاءِ وڏن ڊيمن ٺاهڻ کانسواءِ ٻيو دڳ ناهي: خواجه سعد رفيق

لاهور (اين اين آءِ) وفاقي وزير ريلوي خواجه سعد رفيق چيو آهي ته سخت مشڪلات، سازشن ۽ رنڊڪن جي باوجود پاڪستان کي محفوظ ۽ مستحڪم بڻائڻ جي جدوجهد جاري رکنداسين، ميان نواز شريف هر قومي مسئلو قومي قيادت جي مشاورت ڪرڻ جو بنياد رکيو آهي، پنهنجي چونڊ تڪ ۾ مختلف عوامي وفدن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايندڙ ٻوڏن کان بچڻ لاءِ وڏا ڊيم ٺاهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به دڳ نه آهي، حڪومت ڊيم ٺاهڻ لاءِ وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهي وڃي ها ته سنڌو دريا جي ٻنهي پاڪستان کان آباد لکين پاڪستاني ٻوڏ جي تباهي کان بچي وڃن ها، هن چيو ته سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي حڪمران پارٽين کي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت تي اتفاق راءِ وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ ۽ ڪي پي ڪي کي شامل ڪرڻ کانسواءِ ڪالاباغ ڊيم تعمير نٿو ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *