ايندڙ هفتي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) 2013ع جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميشن ۾ جمعي ڏينهن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ وڌيڪ ٽن تڪن جي رٽرننگ آفيسرن پيش ٿي پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا، ثبوت جمع ڪرائڻ ۽ گواهه پيش ڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي ويو، ڪميشن تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ(ن) جي وڪيلن کي هدايت ڪئي آهي ته عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ بابت ٻنهي جماعتن وچ ۾ ٿيل معاهدي جي ڪاپي 29 جون تي رٿيل ايندڙ ٻڌڻي ۾ پيش ڪئي وڃي. عدالتي ڪميشن چيو آهي ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ صحيح ٿيل مفاهمت واري ياداشت نامي کانسواءِ ان آرڊيننس کي سمجهي نه ٿو سگهجي. اهو آرڊيننس حڪومت ڪميشن جوڙڻ لاءِ رضاڪاراڻي نموني جاري ڪيو هو. جمعي ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس  ناصر الملڪ جي سربراهيءَ ۾ قائم عدالتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪميشن جي ٻين معزز ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 130 جي رٽرننگ آفيسر انجم رضا، اين اي 157 جي رٽرننگ آفيسر قمر اعجاز ۽ هڪ ٻي تڪ جي رٽرننگ آفيسر خالد اقبال ڪميشن آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايا. ٽنهي رٽرننگ آفيسرن تي جرح پڻ ٿي. رٽرننگ آفيسرن تي جرح بعد ڪميشن پاڪستاني تحريڪ انصاف جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزاده ۽ مسلم ليگ(ن) جي وڪيل شاهد حامد کي چيو ته ڪميشن گواهن جا  بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. تحريڪ انصاف جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزاده چيو ته هو دليل ڏيڻ ۾ 2 ڏينهن وٺندو  جيڪڏهن 29 جون کان شروع ٿيندڙ هفتي ۾سماعت ڪئي وڃي ته هو سومر ۽ اڱاري ڏينهن دليل ڏيندو. شاهد حامد ۽ پ پ جي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته هو عبدالحفيظ پيرزاده جي دليلن بعد پنهنجا دليل ڏيندا. عدالت ان موقعي تي تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ(ن) جي وڪيلن کي هدايت ڪئي ته ٻنهي جماعتن وچ ۾ عدالتي ڪميشن جي قيام بابت ٿيل معاهدي جي ڪاپي پيش ڪئي وڃي ته جيئن ان کي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي. ڪميشن جي اجلاس ۾  متحده قومي موومينٽ جي ايم اين اي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي شهري علائقن ۾ 85 سيڪڙو نمائندگي واري جماعت آهي. عام چونڊن بعد اسان جي جماعت خلاف جيتريون به چونڊ درخواستون داخل ٿيون هيون اهي سمورين رد ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته سندس پارٽي جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي طرفان لڳايل الزامن کي رد  ڪري ٿي ۽ اهي الزام بي بنياد آهن. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته اسان ايندڙ هفتي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا. عبدالحفيظ پيرزاده تياري لاءِ هڪ هفتي جي مهلت طلب ڪئي جيڪا ڪميشن منظور ڪري ورتي ۽ ڪارروائي 29 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *