ايندڙ نسلن ۾ دهشتگردي جو سرطان پکڙجڻ نه ڏنو ويندو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف فيصلائتي جنگ جاري آهي، ايندڙ نسلن ۾ دهشتگرديجو سرطان پکڙجڻ نه ڏنو ويندو. اسلام آباد ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، توانائي بحران جي حل لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد سيڙپڪاري بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته حڪومت گذريل اڍائي سالن دوران اهم مقصد حاصل ڪري ورتا آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت عوام جي سهڪار سان دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف فيصلائتي جنگ جوٽي، جنهن ۾ گهڻيي ڀاڱي تائين ڪاميابيون ملي رهيون آهن. نواز شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکيو ويندو، امن جي بحالي لاءِ پاڪ فوج جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. وزير اعظم توانائي بحران بابت ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ملڪ مان توانائي بحران جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايل اين جي تي هلندڙ 3 وڏا بجلي گهر ٺاهيا پيا وڃن، جن سان بجلي بحران گهٽجي ويندو. نواز شريف وڌيڪ چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل واعده پاڙڻ لاءِ پرعزم آهي، الله جي فضل سان ڪيترائي ڏکيا فيصلا به ڪيا آهن، بجلي بحران تي جلد ضابطا اچي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *