ايندڙ فلمن ۾ صرف ڀارتي فنڪارن کي اوليت ڏيندس: فرح خان

نئين دهلي (شوبز نيوز) نئين دهلي ۾ ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ ڀارتي هدايتڪارا ۽ ڪوريوگرافر فرح خان پاڪستاني فنڪارن بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ ملڪ ۾ ڪافي ٽيلنٽ آهي ۽ اسان کي خيالن جو اظهار پابندي جي حوالي سان پنهنجن ماڻهن سان ڪم ڪرڻ گهرجي. فرح خان وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ هاڻ جيڪڏهن اهو چيو پيو وڃي ته اسان کي انهن سان گڏجي ڪم نه ڪرڻ گهرجي ته مان اهو چونديس ته اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني فنڪارن بابت ڳالهائيندي فرح خان جو چوڻ هو ته انهن وٽ اهڙو ڇا آهي جيڪو اسان وٽ ناهي، منهنجو خيال آهي ته اسان انهن کان بهتر آهيون، تنهن ڪري اسان کي پنهنجن ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. فرح خان واضح طور تي چيو ته مان پنهنجي ايندڙ فلمن ۾ ملڪ سان تعلق رکندڙ فنڪارن کي ئي ڪاسٽ ڪرڻ کي اوليت ڏيندس. بالي ووڊ ڊائريڪٽر ڪرن جوهر ۽ فنڪار شاهه رخ خان جي حمايت ڪندي فرح خان چيو ته پابندي جو عمل انهن فلمن تي لاڳو نه ٿيڻ گهرجي، جيڪي مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ رليز ٿيڻ واريون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *