ايندڙ اليڪشن ۾ مقابلو بجلي سان ٿيندو، ملڪ ۾ بجلي هوندي ته اسان ڪامياب ٿينداسين: چوڌري نثار

راولپنڊي (بيورو) گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته اپوزيشن ۾ هوندي چوڪا ۽ ڇڪا لڳائڻ سولو ڪم آهي ۽ حڪومت ڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ مقابلو بجلي سان ٿيندو، ملڪ ۾ بجلي هوندي ته اسان ڪامياب ٿينداسين، راولپنڊي جي چڪ لالا جي اسڪيم ٿري ۾ روڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام کي اندازو نه آهي ملڪ ڪهڙن مسئلن جو شڪار آهي، جن کي اسان دوست چئون ٿا اهي به اندروني طور دشمن آهن، هن چيو ته حڪومت ڏينهن رات عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، هن چيو ته ادارن جي نااهلي بابت سڀ ڄاڻن ٿا، ڪم ادرن کي ڪرڻو هوندو آهي، حڪومت ناهي ڪندي، بجلي جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو، تقريب ۾ گهرو وزير جي چونڊ تڪ جي عوام گيس فراهم ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪيو جنهن تي چوڌري نثار علي خان چيو ته گيس سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، حڪومت ايل اين جي جا جهاز گهرائي رهي آهي، چوڌري نثار علي خان راولپنڊي 3 اهم رستن جن ۾ ايئرپورٽ روڊ، هاءِ ڪورٽ روڊ ۽ اڊيالا روڊ شامل آهن انهن جي مرمت ۽ انهن کي وڌائڻ جي منصوبن جو باقائده افتتاح ڪيو، منصوبن جي جملي لاڳت هڪ سئو 10 ڪروڙن کان وڌيڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *