ايم ڪيو ايم ۽ ف ليگ اتحادي رهي چڪيون آهن، ساڻن ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ ۽ مسلم ليگ فنڪشنل پيپلز پارٽيءَ جون اتحادي جماعتون رهيون آهن ان ڪري انهن سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪو به حرج ناهي،ڳالهيون ڪرڻ سان جمهوريت جي فضا وڌيڪ بهتر ٿيندي.سينيٽ جون چونڊون جيڪڏهن بنا مقابلي ٿينديون ته اها سٺي ڳالهه هوندي ۽ ان عمل سان هارس ٽريڊنگ جو رستو بند ٿي ويندو.اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ واقع پنهنجي آفيس ۾ يورپي  يونين جي سفير لارس گنار وگي مارڪ سان ملاقات ڪرڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي عددي اڪثريت موجب سنڌ مان سينيٽ جون 6 سيٽون حاصل ڪري سگهندي پر جيڪڏهن ستين سيٽ لاءِ  ٻين جماعتن سان رابطا ڪري ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته ان ۾ ڪو حرج ناهي. ان عمل سان جمهوريت جي فضا وڌيڪ بهتر ٿيندي ڇاڪاڻ ته بهتر فضا کي خراب نه ٿا ڪرڻ چاهيون.هن چيو ته سينيٽ چونڊن بابت ڳالهين لاءِ مسلم ليگ فنڪشنل جي دوستن سان پڻ رابطا ٿيا آهن پر سينيٽ چوندون بنا مقابلي ٿيڻ بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو جيڪڏهن سينيٽ چونڊون بنا مقابلي ٿينديون ته ان عمل سان ڪنهن کي به اهو موقعو نه ملندو ته نمائندن تي هارس ٽريڊنگ ڪرڻ ۽ ووٽن جي خريد فروخت جا الزام هڻي ۽ اهڙو رستو بند ٿي ويندو. هن چيو ته اڃان تائين سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگيءَ وارا ڪاغذ پڻ جمع نه ٿيا آهن ان ڪري اهو چوڻ پڻ وقت کان اڳ هوندو ته فنڪشنل ليگ کي سينيٽ چونڊن ۾ سيٽ ملندي يا نه؟ وقت کان اڳ اهڙيون ڳالهيون نه ڪيون وڃن. هن چيو ته ان بابت پڻ خبر ناهي ته اپوزيشن جون جماعتون سينيٽ چونڊن لاءِ پنهنجو گڏيل اميدوار آڻي رهيون آهن يا نه؟ ان بابت ڪا خبر ناهي. ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڳالهين لاءِ ڪور ڪميٽي جو اجلاس جڏهن ٿيو ته ان بابت سڀني کي خبر پئجي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ تعليم صوبائي سبجيڪٽ آهي ۽ صوبي کي پنهنجو نصاب جوڙڻ جو اختيار آهي ان ڪري وفاق پاران قومي نصابي ڪائونسل جوڙڻ صوبائي خودمختياري جي خلاف آهي ۽ صوبائي خودمختيار کسڻ جي ڪوشش آهي. ان ڪري سنڌ قومي نصابي ڪائونسل کي رد ڪري ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *