ايم ڪيو ايم ڪارڪن صولت مرزا جا ڊيٿ وارنٽ جاري 19 مارچ تي ڦاهي ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت قتل ڪيس ۾ موت جي سزا کاڌل ايم ڪيو ايم ڪارڪن صولت مرزا جا بليڪ وارنٽ جاري ڪندي 19 مارچ تي کيس ڦاهي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي سينٽرل جيل جي سپرينٽينڊنڊنٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڪي اي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد، سندس گارڊ ۽ ڊرائيور جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل متحده ڪارڪن صولت مرزا جا بليڪ وارنٽ جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي ڪراچي سينٽرل جيل جي سپرينٽينڊنڊنٽ درخواست ۾  موقف اختيار ڪيو هو ته شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ صولت مرزا کي 1998  ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ سپريم ڪورٽ توڙي ملڪ جي صدر سندس اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن. جيل اختيارين پاران عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته صولت مرزا کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ فوري طور  سندس بليڪ وارنٽ جاري ڪيا وڃن. جيل سپرنٽينڊنٽ جي درخواست تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج صولت مرزا جا بليڪ وارنٽ جاري ڪندي کيس 19 مارچ تي ڦاهي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو. بليڪ وارنٽ جاري ٿيڻ بعد بلوچستان جي مچ جيل مان صولت مرزا کي ڪراچي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويندو ڪجهه مهينا اڳ به صولت مرز ا سميت 7 دهشتگردن جا بليڪ وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا، جن مان 6 ڄڻن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو هو  پر صولت مرزا جي ڦاهي تي عمل روڪيو ويو هو. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي منظوري کانپوءِ وفاقي گهرو وزارت پاران حڪمنامو جاري ڪري صولت مرزا جي سزا تي عمل روڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *