ايم ڪيو ايم ڪارڪنن کي ڳولهي ڳولهي قتل ڪيو پيو وڃي: خالد مقبول صديقي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته دهشتگردي کي وزيرستان مان ڪراچي ڏينهن منتقل ڪيو پيو وڃي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دهشتگردن ۽ سندن ساٿين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪراچي جي گُلبرگ واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي جنازي نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪنن کي ڳولهي ڳولهي قتل ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. هن چيو ته دهشتگردي کي وزيرستان مان ڪراچي ڏينهن منتقل ڪيو پيو وڃي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادار دهشتگردن ۽ سندن ساٿين خلاف ڪارروائي ڪري. ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي جو اهو به چوڻ هو ته ڪراچي جو امن تباهه ڪندڙ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف به سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *