ايم ڪيو ايم کي ٽوڙڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ميمبرن کي پل جي ٻئي پاسي رابطي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي: فاروق ستار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اڻ ڄاتل نمبرن تان اسان جي ميمبرن کي فون ڪري پل جي ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ جو چيو پيو وڃي، ڊرائي ڪلين فيڪٽري بند ٿيڻ گهرجي، جيڪو ڳالهه مڃيندو، اهو پاڪ صاف ٿي ويندو، نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فاروق ستار جو چوڻ هو ته ڪراچي سينٽرل جيل جي بيرڪ نمبر 25.24.19.18 ۾ قيد ايم ڪيو ايم ڪارڪنن تي دٻاءُ وڌو ويو، انهن کي بند وارڊ ڪيو ويو، جيڪا جيل مينوئل جي لتاڙ آهي ۽ ان  جو مطلب انهن کي هڪ پاسي جي سزا ڏيڻ آهي،هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ٽوڙڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اسان جي 40 قيدي ڪارڪنن کي سينٽرل جيل ۾ تشدد ڪري چيو پيو وڃي ته فلاڻي جي پارٽي ۾ شامل ٿي وڃو، گذريل ڪجهه ڏينهن پهرين اسان سازش طرف اشارو ڏنو هو، جيڪو صحيح ثابت ٿي رهيو آهي، اڄ جون حالتون 1992 کان مختلف ناهن، ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته اسان جا ڪارڪن جيل مينوئل مطابق جيل ۾ پنهنجو وقت گذاري رهيا آهن، انهن تي هن وقت تائين ڏوهه ثابت ناهي ٿيو، انهن جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، ان صورتحال ۾ اسان جي ڪارڪنن تي تشدد ڪرڻ ۽ انهن کي بند وارڊ ڪرڻ هڪ قسم جي سزا آهي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *