ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد تنظيم قرار ناهي ڏنو: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي آپريشن ڪنهن جماعت نه پر ڏوهارين خلاف آهي، آپريشن ذريعي ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ 60 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي، هــُو ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد جماعت نه ٿا چون پر جيڪڏهن وفاق چوي ٿو ته اهو ان جو مسئلو آهي. سي ايم هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن جي سخت ضرورت هئي، جنهن لاءِ هنن پنهنجي ئي فورسز تي ڀاڙيو ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪيون. هن چيو ته صوبي ۾ امن لاءِ گڏيل پاليسي جوڙي وئي جنهن تي هنن عملدرآمد ڪيو ۽ وفاقي حڪومتان ۾ سندن مدد ڪئي. وڏي وزير چيو ته گڏيل آپريشن ذريعي ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا، ڀتي خوري ۽ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ ٽاسڪ هو جنهن جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ 60 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته وزيراعظم ڪراچي آپريشن تي سمورين جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو هو. وڏي وزير چيو ته هـُنن ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد جماعت ناهي چيو پر جيڪڏهن وفاق وٽ ثبوت آهي اها چئي سگهي ٿي. وڏي وزير چيو ته کيس گورنر جي تبديلي جي ڄاڻ ناهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، پر جيڪڏهن متحده حڪومت ۾ شامل ٿي ته سڀني کي خبر پئجي ويندي. هن چيو ته پهريون ڀيرو امن امان لاءِ 60 ارب رپيا بجيٽ رکي آهي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ مان ڪٽوتي ڪري امن امان قائم ڪرڻ لاءِ خرچ ڪئي آهي. سيد قائم علي شاهه ٻڌايو ته ڪراچي ۾ آپريشن دوران 122 اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته ڏيڍ سئو ٽارگيٽ ڪلرز، دهشتگرد 539 ۽ 487 ڀتي خور گرفتار ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته القاعده جي ڇهن دهشتگردن کي ماريو ويو ۽ ڇهن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته تحريڪ طالبان جا 152 دهشتگرد گرفتار ڪيا آهن. سيد قائم علي شاهه چيو ته امن امان قائم ڪرائڻ صوبي جي ذميواري آهي ۽ صوبي ۾ وڏو مسئلو امن امان بحال ڪرائڻ آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ صالح مسجد تي حملي جي جوابدارن جي نشاندهي ٿي چـُڪي آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته شڪارپور سانحي ۽ شهيد خالد محمود سومري جا قاتل گرفتار ڪيا آهن. هن چيو ته شاهدن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت قانون سازي ڪئي. ملٽر ڪورٽس جي حوالي سان سيد قائم علي شاهه چيو ته ضرورت تحت فوجي عدالت جو انگ وڌايو ويندو. وڏي وزير چيو ته فوجي عدالتن بابت مشاورت صوبي جي ليگڪ ايڊ ڪميٽي ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين 64 ڪيس ملٽري ڪورٽس ۾ موڪليا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *