ايم ڪيو ايم ڏوهارين کان ايئن لاتعلق ٿئي جيئين اسين الذوالفقار سان لاتعلق ٿيا هئاسين: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڏوهارين کان ايئن لاتعلق ٿئي جيئين اسين الذوالفقار سان لاتعلق ٿيا هئاسين. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پاڪ فوج ۽ آءِ ايس آءِ خلاف ڳالهائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون جي فيڪٽري کي لڳل باهه واري سانحي جي رپورٽ دير سان آئي آهي،  ڪجهه ته صداقت هوندي.هن ايم ڪيو ايم کي صلاح ڏني ته اها ڏوهارين کان ايئن لاتعلق ٿئي جيئن هو ڪڏهن الذوالفقار کان لاتعلق ٿيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *